بازار
بازار هڪ اهڙي کليل جڳهه کي چئبو آهي جتي دڪانن ۽ ٺيلن تي شين کي وڪري جي لاء رکيو ويندو آهي۔ هي اصطلاح انگريزي جي اسٽريٽ مارڪيٽ جو هم معني آهي[1]۔
دڪانن جي قطار وارو هنڌ، -جتي- هر قسم جو واپار ٿئي. خريد و فروخت وارو هنڌ، -جتي- مستقل يا عارضي دڪان هجن. ميڙن وارن ڏهاڙن تي به عارضي -بازار- لڳندي آهي[1]. مغلن جي دور ۾ شاهي خاندان جي عورتن لاءِ سال ۾ هڪ -ڀيرو -”مينا -بازار-“ لڳندي هئي، جنهن ۾ -بادشاهه- پاڻ شريڪ ٿيندا هئا. انهن بازارن ۾ لکين رپين جو واپار ٿيندو هو[1]. هن وقت وڏن شهرن ۾ عام ماڻهن جي سهوليت لاءِ ”جمعي -بازار-“، ”-آچر- -بازار-“ ۽ عورتن لاءِ ”مينا -بازار-“ وغيره جي نالن سان ”بازارين“ جو سلسلو هلندڙ آهي[1]. لفظ -بازار- شاهه لطيف به هڪ -بيت- ۾ ڪتب آندو آهي[1]:
نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون، پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي !
— شاھ عبداللطيف
بازار کي مارڪيٽ به چئبو آهي[1]. بازار فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان کي عربي ۾ . اھو شھر جي اھڙي جاء کي چوندا آهن جيڪو واپار ۽ ڌنڌن جو مرڪز ھوندو آھي[2]. بازار ۾ ھر قسم جي ريزڪي وڪري ۽ ٻڌي وڪري، ھنر جي ڪم، ڀانڊن ، ڪيفي ، حمامن، حجمن، ڪاريگرن، واڍن وغيرہ، جا ننڍڙا ۽ وڏا دڪان ، بئنڪون وغيره واقع ھوندا آھن. بازار صبح جو کلندي ۽ رات جو بند ٿيندي آهي. اھا مختلف شعبن ۾ پڻ ورھايل ھوندي آھي جن ۾ سونارن جي بازار، مصالحن جي بازار، ڪپڙي جي بازار، موبائل فونن جي بازار، اليڪٽرانڪ بازار، گوشت واري بازار، سبزين ۽ ميون جي بازار وغيره شامل آهن.